سچ جي ڳولها

سچ جي ڳولها

سچ جي ڳولها

سچ جي ڳولها

سچ جي ڳولها

سچ جي ڳولها (ڪتاب): ’سچ جي ڳولها‘ (Search of Truth) ٽيڪم سيرو مل مٽائيءَ جو ’تصوف، ويدانت ۽ انسانيت‘ جي موضوع تي لکيل ڪتاب آهي. ڪتاب ۾ ڌڻيءَ ۾ ايمان، عمل، ايثار، پيار، محبت، ڀائيچاري، امن ۽ علم بابت آسان ۽ سليس ٻوليءَ ۾ املهه نُڪتا سمايل آهن. ليکڪ لکي ٿو ته، ”اسان سنڌي هندن جي نس نس ۾ صوفياڻي تعليم ۽ تربيت سمايل آهي، جنهنڪري اسان هندو سماج ۾ پنهنجي جدا شناخت ۽ حيثيت رکون ٿا. لطيف، سچل ۽ ساميءَ جا انمول ٻول اسان جي رهنمائي ڪن ٿا، جنهنڪري اندر جو آرام ۽ سرير کي سڪون ملي ٿو.“
ڪتاب جو پهريون ڇاپو، برلنگٽن آمريڪا مان ڇپائي، ڊسمبر 2001ع ۾ پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 50 روپيا يا 10 ڊالر هئي. ڪتاب جو مهاڳ يدا لکمي جشناڻيءَ لکيو هو.
ساڳئي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، علي محمد چنا، نصير مرزا کان ايڊٽ ڪرائي، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پنهنجي ڏاڏي ۽ درويش سرڳواسي جيوترام ويڙهي مل مٽائيءَ جي نالي ڪئي آهي. ٻئي ڇاپي جا ٻه اکر به خود ليکڪ لکيا آهن، جڏهن ته نئين سر ايڊيٽنگ کانپوءِ مرتب نصير مرزا به ڪتاب تي تفصيلي نوٽ ’هوائون هنگلاج ڏي، ويندي سڀ وسار‘ جي عنوان سان لکيو آهي.
ڪتاب جي نئين ڇاپي ۾ ڪاڪي جيوترام مٽائيءَ بابت محمد ابراهيم جويي، مظهرالحق صديقي، وسيي مل جيوترام مٽائي ۽ سائين راز پير جا مضمون ۽ تاثر، ٻئي حصي طور شامل ڪيا ويا آهن.
هي ٻيو ڇاپو ڊيمي سائيز جي 204 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو